??سل??م آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان هتي ملاقات ڪئي ۽ پنجاب ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي صورتحال تي کيس تفصيلي ??ريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي وزيراعظم هد??يت ڪئي ته ڪٿي به اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي يا کوٽ نه ٿيڻ گهرجي. پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان وزيراعظم پاران پنجاب حڪومت جي تج??يزن سان اتفاق تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته هڪ لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد سان اٽي جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.