اسل??م آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن ۾ غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۽ آبادي ۾ اضافي جي روڪٿام جي ضرورت جي اهميت اجاگر ڪندي چيو آهي ته قومن جي تعمير ۾ مثبت سوچ، منصوبابندي ۽ وسيلن جو صحيح استعمال ضروري آهي، ملڪ ۾ ٻارن جو وڏو انگ غذائي کوٽ جو شڪار آهي، ٻارن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لا??ِ ٺوس پاليسي سازي جي ضرورت آهي، ملڪ کي صحتمند ۽ خوشحال بڻائڻ جي لا??ِ اسان کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ميڊيا معاشري ۾ سماجي براين بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي غذائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.