اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلو انتهائي دليراڻي انداز ۾ اجاگر ڪيو، مظلوم ڪشميري عوام مدد جي لاءِ پاڪستاني ڀينرن ڀائرن طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام ڪشميرين جي زخم کي پنهنجي جسم تي محسوس ڪري ٿي، پنهنجي آزادي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ رت جي آ??ري ڦڙي تائين وڙهنداسين، والاريل ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني ??اڍ جي خاتمي جو ڏينهن اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظ??ار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.