هانگ ڪانگ – 17 مئي (اي پي پي( وزيراعظم محمد نواز شريف سان هانگ ڪانگ جي وڏين ڪمپنين جي سربراهن ??لاقاتون ڪيون ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم سان زيڊ ٽي اي ڪارپوريشن جي چيئرمين يائي من، شانڊونگ هائي اسپيڊ گروپ جي چيئرمين سن ليانگ ۽ بيجنگ ??نٽ?? پرائيزز هولڊنگ لميٽيڊ جي چيئرمين وانگ ڊونگ سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. انهن ??لاقاتن ۾ پاڪستان ۽ هانگ ڪانگ جي پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ بزنس رابطن کي ترقي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.