اسلام آباد – 21 سيپٽ??بر (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه مخاف ڌر اي پي سي ۾ فوج، عدليه، اليڪشن ڪميشن، نيب سميت سمورن رياستي ادارن کي نشانو بڻايو، ڇا رياستي ادارن ۽ چونڊ عمل کي تڪراري بڻائي مل?? ۽ ??مهوريت جي ڪهڙي خدمت ڪئي پئي وڃي، هڪ جمهوري حڪو??ت جي خلاف سمورا مفاد پرست گڏ ٿي ويا آهن، نواز شريف جي تقرير تي ڀارتي ميڊيا تمام گهڻي خوشي ملهائي، ڀارت جي سمورين وڏين اخبارن ۾ نواز شريف جي هيڊ لائين آهي ??ه ”نواز شريف فوج تي حملو ڪري ڇڏيو“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي واضح موقف تي قائم آهي ??ه ڪ??هن کي اين آر او ناهي ڏيڻو. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.