اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪشميري ۽ فلسطيني عوام گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قربانيون ڏئي ??هي?? آهن، اسان کي به امن قائم ڪرڻ جي لاءِ جانين جي قربان?? ڏيڻي پئي ته نه ڪيٻائينداسين، عالمي برادري ڪشمير ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ڇو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن لاءِ ڪشمير جي مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ضروري آهي، ڪشمير جي مسئلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ کي ان جو مرڪز بڻايو ويندو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشمير ڪميٽي جي اهتمام هيٺ سيمينار کي خطا?? ڪندي ڪيو.