اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ??يو آهي ته غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غ??صب??ڻي فوجي طاقت م??ن ڇوٽڪارو چاهين ٿا، عالمي برادري ڀارت تي زور ڏي ته هو ڪشمير مان نڪري وڃي. هن ??يو ته سينيٽ جو اجلاس ط??ب ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس، اجلاس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، سينيٽ اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آهي. هن ??يو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي، ڀارت ڪشمير مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ ??يو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اسان جي آخري منزل ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي جو نالو تبديل ڪري سري نگر هاءِ وي رکيو ويو آهي.