اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي ??طلاعات ۽ نشريات وا??ي خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته مال بردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي گوادر پهچي ويو آهي. سماجي ??ابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن لکيو ته گوادر پورٽ ??ي اقتصادي سرگرميون زور شور سان جاري آهن. مال بردار سامونڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي گوادر پهچي ويو آهي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڊي اي پي ڀاڻ 550 ٽرڪن ذريعي چمن رس??ي افغانستان موڪليو ويندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪارگو جي پيڪنگ مقامي سطح ت?? ڪئي وئي آهي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سي پيڪ تحت منصوبا روزگار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهيا آهن.