اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ، ايوان کي هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌ?? ٻنهي جي گڏيل ذميداري ۽ فرض آهي، مخالف ڌ?? ڄاڻي ٿي ته هن وقت پوري دنيا جون نظرون پاڪستان جي پارليامينٽ تي آهن، مخالف ڌ?? ضدي ۽ ناراض ٻار جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ميمبرن کي پگهار قوم جي پئسن مان ئي ملندو آهي، ان لاءِ کين قومي مفاد ۽ قومي سلامتي جي معاملي تي قانونسازي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت تي وڌيڪ ذميداري آهي ۽ وز??راعظم عمران خان به چاهي ٿو ته موثر قانونسازي جي ذريعي اهو معاملو پڄاڻي تائين پهچي. نجي ٽي وي چئنل سا?? ڳا??ها??يندي خاص معاون چيو ته مخالف ڌ?? ناجائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي.