اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ اٽلي جي وچ ۾ زراعت، ٽيڪنالاجي، تعيلم ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپاري رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير اينڊريس فرارس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگر??ن وزيراعظم ٻطرفي اقتصادي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ اٽلي جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته اٽلي سان پاڪستان جا پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مائيگريشن، زرعي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ سياحت ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. اٽلي جي سفير پاڪستان ۾ قيام دوران مثالي تعاون تي ٿورا مڃيا. هن نگر??ن وزيراعظم کي پنهنجي سفارتي مدي دوران ٿيندڙ اهم اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو. هن اٽلي جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. نگر??ن وزيراعظم عهدو ڇڏيندڙ سفير جي اڳتي جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خ??اه??ن ج?? اظهار ڪيو.