اسل??م آ??اد-25 ڊسمبر (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسل??م آباد سميت سڄي ملڪ ۾ قائداعظم محمدعلي جناح جو 148هون جنم ڏڻ انتهائي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان موقعي تي مين اسٽيم ميڊيا، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا پل??ٽ فارم حب الوطني جي گيتن سان گونجي اُٿ??ا ۽ قومي گيتن، دستاويزي فلمن ۽ خاص پروگرامن ذريعي پاڪستان جي باني کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جي قيام لاءِ قائداعظم جي غير متزلزل عزم کي اجاگر ڪيو ويو. هي ڏينهن قائداعظم جي جدوجهد ۽ قربانين کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي سرڪاري، غير سرڪاري، نجي، فلاحي ۽ تعليمي ادارن ۾ خاص تقريبن جو بندوبست ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي باني کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ڀرپور انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.