اسلام آباد-22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڏکڻ
وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي ??ملي جي مذمت ڪندي شهيد ٿيل
16 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته سموري قوم دهشتگردي خلاف
جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان
جاري بيان مطابق صدر مملڪت دهشتگرد حملي ۾ 16 بهادر جوانن جي ??هادت
تي ڏک جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل 16 جوانن
کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي و??رث?? سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽
صبر جي ??عا ڪئ??. صدر آصف علي زرداري ملڪ ۾ فتنه الخوارج جي
مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رکڻ جي ??زم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته
سموري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر
مملڪت چيو ته دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن، دهشتگردي جي
لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رکنداسين.