اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ۽ بيلا روس جي صدر اليگ??ين??ر لوڪاشينڪو وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ??ڏي?? فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ??حمد شهباز شريف وزيراعظم ??ائوس اچڻ تي بيلا روس جي صدر لوڪا شينڪو جي آجيان ڪئي. صدر لوڪا شينڪو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي و??يراعظم جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي و??يراعظم چيو ته پاڪستان بيلا روس ??ان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو، اوهان جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ شراڪتداري جون نيون راهون کولڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. ٻه طرفي ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي سهڪار ۽ علائقائي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن گذريل ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ بيلا روس جي لاڳاپن جي سمورن رخن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ??ڏي?? فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. وزيراعظم بيلا روس جي صدر کي پاڪستان حڪومت جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل اوسر ۽ دوست ملڪن ??ان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ذريعي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي بابت به آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون.