اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته انتشارين جو مقصد لاش ڪيرائي ??نهن تي سياست ڪر?? آهي، رياست تحمل جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي، اهي بيلاروس جي صدر جي دوري کي سبوتاز ڪر?? چاهين ٿا، بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي منصوبابندي ڪري آئي ??هي، پوليس ۽ رينجرز جي شهيدن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳوليون؟ رياست فسادين ۽ انتشارين جو ڪو مقصد پورو ٿيڻ نه ڏيندي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بشريٰ بي بي لاش ڪيرائڻ جي منصوبابندي ڪري آئي ??هي، هو پاڻ اڃا تائين ڪٿي لڪل آهي ۽ ڏهاڙي جي مزدورن ۽ ٻارن کي آڻي اڳيان بيهاريو ويو آهي، اهي غريبن جي ٻارن کي ٻارڻ بڻائڻ چاهين ٿا جيڪو انتهائي ??زدلاڻو فعل آهي. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس جو صدر پاڪستان جي دوري تي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدا ٿي رهيا آهن، بزنس ڪانفرنس هلي رهي آهي جڏهن ته ٻئي ??رف تحريڪ انتشار ان جي دوري کي سبوتاز ڪر?? جي ڪوشش ڪري رهي آهي. تحريڪ انتشار 9 مئي ج?? مقصد ٻيهر حاصل ڪر?? چاهي ٿي، هي چاهين ٿا ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿئي ۽ ٻيهر اهي لاشن تي سياست ڪن، انهن جو مقصد پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته رينجرز جا جوان شهيد ٿيا، پوليس اهلڪار مبشر کي شهيد ڪيو ويو، انهن جو رت ڪنهن جي هٿ تي ڳوليون؟ هن چيو ته جڏهن به ڪنهن دوست ملڪ جو دورو هوندو آهي ته انهن کي ڌرڻو ڇو ياد اچي ويندو آهي؟ هي ڌرڻي جي لاءِ انهي جڳهه جي چون?? ڇو ڪندا آهن؟ ان جي لاءِ ته هي ملڪ دشمن آهن ۽ ملڪ ۾ انارڪي ڦهلائڻ چاهين ٿا جنهن جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته اسان پاڪستان تي ج??ن به قربان ڪر?? جي لاءِ تيار آهيون، اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته فلاڻو نه آهي ته پاڪستان نه آهي، هي چاهين ٿا ته پوري ملڪ ۾ انتشار پکڙجي. هن چيو ته پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان مان ڪير انهن جي احتجاج ۾ ناهي نڪتو، گرفتار ڪارڪنن چيو ته اسان کي پئسا ڏئي ??ندو ويو آهي، پي ٽي آءِ قيادت پنهنجي ٻارن کي ٻاهران آڻي ۽ فرنٽ لائين تي بيهاري، هي پاڻ ڊي چوڪ ت?? ڇو نه پهتا؟ وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار جي پوري قيادت جو مقصد هڪ ئي ??هي ته ڪهڙي طريقي سان هتي لاش ڪيرايا وڃن ۽ لاشن تي سياست ڪئي وڃي جيڪو ڪڏهن به پورو ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته اسان کي پاڪستان جو مفاد عزيز آهي، اڄ معيشت ترقي ڪري رهي آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ اڳتي وڃي رهي آهي. پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا ملڪي ترقي روڪڻ چاهي ٿي، انهن جو احتجاج سدائين افغاني ليڊر ڪندا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهي منافقت، انتشار، تشدد جي سياست ڪري سياسي پوائنٽ اسڪورنگ چاهين ٿا، اسان جي جوانن جو مورال بلند آهي، اهي امن کي برقرار رکڻ ڄاڻين ٿا، ان جي لاءِ اسان جي صبر جو امتحان نه وٺن. هن چيو ته پي ٽي آءِ قيادت ڪرائي ??ي ماڻهن جي پٺيان لڪي رهي آهي، همت آهي ته پاڻ اڳيان اچن. هن چيو ته ملڪ کي ڊيل ريل ڪر??، انتشار ڦهلائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، اڃا به وقت آهي مُڙي وڃن ۽ منتشر ٿي وڃن، رياست جي صبر جو امتحان نه وٺن.