اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ??حريڪ انصاف بار بار احتجاج جو سڏ اهڙي وقت ۽ انهن ڏينهن تي ڏئي ڇو ٿي جڏهن اهم عالمي شخصيتون پاڪستان اچي ر??يو?? هُونديُون آهن. نائب وزيراعظم جي آفيس پا??ان جاري بيان موجب محمد اسحاق ڊار چيو ته پي ٽي آءِ جو سياسي احتجاج، ملڪ جي عزت ۽ وقار سان سوچيل سمجهيل سازش ۽ راند آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀلي اهو 14 آڪٽوبر تي چيني وزيراعظم جو دورو هجي، 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي ايس سي او سمٽ جي لاءِ ملڪي سربراهن جي آمد هجي يا بيلاروس جي صدر جو پاڪستان جو دورو جنهن جي لاءِ س??دس وزير ۽ اهم ڪاروباري شخصيتون اسلام آباد پهچي ويون آهن. هن چيو ته ??دارا پنهنجي گندي سياست کي پاڪستان تي اهميت نه ڏيو.