اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب روينيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ ۽ ٽريڊ پروگرام (ريميٽ) تي مجموعي اڳڀرائيءَ کي ساراهيندي مختلف شراڪتدارن کي پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي ح??مت عملي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن هتي ريميٽ پروگرام جي اسٽيئرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. ڪميٽيءَ جي اجلاس جو مقصد ڪميٽيءَ جي گذريل اجلاس ۾ محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، واپار ۽ ڪلي معيشت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ هو. پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪ??شنر جين ميريٽ، مختلف ح??وم??ي وزارتن جي اعليٰ اختيارين جن ۾ منصوبا بندي وزارت، ناڻو، واپار، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، ??ور?? آف انويسٽمينٽ، ايف بي آر ۽ ريميٽ جي عملدرآمدي شراڪتدارن، عالمي بئنڪ، جي سي ايس آءِ ۽ اي ايس آءِ شامل هئا، انهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن خاص ڪري محصولن کي متحرڪ ڪرڻ، سيڙپڪاريءَ جي ماحول، ملڪي معيشت جي گورننس، واپار ۽ موسمياتي تبديلين جي شعبي ۾ شراڪتدارن طرفان ڪيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان اڳڀرائيءَ جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي مضبوط بنائ?? ۽ ??ائيدار ۽ جامع ترقيءَ لاءِ سازگار حالتون فراهم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير پروگرام تي مجموعي اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ مختلف اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته هو پروگرام تحت حتمي نتيجن جي فوري عملدرآمد لاءِ وڌيڪ سرگرم ۽ اثرائتي ح??مت عملي اختيار ڪن.