اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ع??برين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران ??اري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان ??ڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تحت اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ع??برين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي جي اضافي چارج ٽن مهينن جي مدي يا ريگيولر مقرري تائين ڏني وئي آهي. عنبرين جان هن وقت اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي ع??برين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل پڻ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.