اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽر مشاهد حسين سيد جي صدارت هيٺ پاڪستان- چائينا انسٽيٽيوٽ جو عوامي جمهوريه چين جي قيام جي 75 سالن جي مناسبت ”چائينا ايٽ: 75 تر??ي، تبديلي ۽ عالمي قيادت جو سفر“ جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس جي ٻين مقررن ۾ پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زي ڊونگ، ناليوارو ??قتصاديات جو ماهر ۽ اڳوڻو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير قيصر احمد شيخ شامل هو. ڪانفرنس ۾ ڏکڻ ايشيا جي عالمي نمائندگي پڻ شامل هئي، جنهن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي اڳواڻ محبوب عالم، مالديپ جي پارليامينٽ جي ميمبر احمد طارق ۽ نيپال جي وفاقي پارليامينٽ جي ميمبر اچيوٽ پرساد مينالي شامل هئا. سينيٽر مشاهد حسين سيد چين جي ڪجهه منفرد رُخن کي اجاگر ڪندي چيني قوم جي پرامن بلندين تي روشني وڌي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي جارحيت، قبضو يا ڪالونين کانسواءِ اهو ممڪن بڻايو ويو آهي ۽ ان سان چين جي 5 هزار سال پُراڻي تهذيب جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن پاڪ- چين لاڳاپن کي بيمثال قرار ڏيندي چيو ته اهي لاڳاپا گهرن اسٽريٽجڪ رابطن تي ٻَڌل آهن. چين جي تازي تاريخ تي تبصرو ڪندي سينيٽر مشاهد حسين چين جي 75 سالن جو خلاصو 3 آر ايس طور تي ڪيو، پهريون انقلاب چيئرمين ماتحت، ٻيو ٻه سڌارا ڊينگ زاپنگ تحت ۽ ٽيون هاڻ پُرامن بلندي صدر شي جن پنگ تحت. چين جي بلندين جي سببن جو تجزيو ڪندي هن قيادت جي اعليٰ معيار، پاليسي ۾ تسلسل، ڪورس ۾ تبديلي جي منفرد صلاحيت، ٻين کان سِکڻ جي صلاحيت ۽ پُرامن پرڏيهي پاليسي کي ا??م سبب قرار ڏنو. اقتصاديات جي ماهر ۽ اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين چين جي غير معمولي تر??يءَ تي روشني وڌي ۽ چيو ته چين ٻهراڙي معيشت کان شهري معيشت ۾ ۽ ڪمانڊ کان مارڪيٽ طرف منتقل ٿي ڪري بي مثال تر??ي حاصل ڪئي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چين جي ڪاميابي ا??لهه جمهوري ماڊل کي چئلينج ڪيو آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته ڪميونسٽ پارٽي ا??در سياسي مرڪزيت اقتصادي غير مرڪزيت سان گڏيل بقا ڪري سگهي ٿي جتي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ عوامي خرچ صوبائي حڪومتن ذريعي ا??جام ڏنا وڃن ٿا. 1.4 ارب جي آباديءَ باوجود چين پاڻ کي عالمي معيشت ۾ ضم ڪري ورتو ۽ سڀ کان وڏي روانگي واپار جي منزل ۽ 120 کان وڌيڪ ملڪن لاءِ هڪ مُک واپاري ڀائيوار بڻجي ويو. ڊاڪٽر عشرت حسين چين جي بنيادي ڍانچي جي سيڙپڪاريءَ جي تعريف ڪئي جنهن ملڪ کي ريلوي ۽ بندرگاهن ذريعي عالمي مارڪيٽن سان جوڙيو ۽ اقتصادي تر??يءَ کي وڌيڪ هٿي ڏني. هن ميرٽ تي ٻَڌل مقرريون، انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائيءَ کي چين جي ڪاميابي جا سبب قرار ڏنو جنهن ۾ چيني شاگرد جديد ٽيڪنالاجي ۾ پرڏيهي ملڪ پيش قدمي حاصل ڪري رهيا آهن ۽ آمريڪا ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پي ا??ڇ ڊي شاگرد چيني آهن. پاڪستان تي ا?? جي هاڪاري اثرن کي تسليم ڪندي اڳوڻي گورنر سي پيڪ کي قرضن جو ڄار قرار ڏيڻ جون ڪوڙين خبرن کي رد ڪندي چيو ته پاڪستان چين جي سيڙپڪاريءَ سان ظاهري فائدو کڻي رهيو آهي. ان تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پُراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن کي ”آئرن برادرز“ قرار ڏنو جيڪي سدا بهار دوستيءَ جي مضبوط رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. ان کان علاوه هن سي پيڪ ۾ گوادر بندرگاهه جي ا??ميت تي روشني وڌي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ گڏوگڏ سهڪار لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم جو اظهار ڪندي ا??سرندڙ ملڪن وچ ۾ گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ چين جي تر??ياتي سفر مان سبق حاصل ڪندي سگهه ۾ واڌ نهايت ضروري آهي. هن گڏ-گڏ سهڪار جي مڪمل صلاحيت کي ڪتب آڻڻ لاءِ هڪ گلوبل جي اڳواڻيءَ ۾ ايجنڊا جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو هاڻ تائين پرڏيهي مدد تي ڀاڙڻ سبب پوري طرح سان حاصل ناٿي سگهيو. هن چيو ته اقتصادي ڏي وٺ، موسمياتي تبديلي ۽ سفارتڪاري جهڙن شعبن ۾ چين جي فعال شرڪت گڏ- گڏ تعاون کي مضبوط ڪيو ۽ چين گلوبل سان ملڪن وچ ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ هڪ قائد طور اُڀريو آهي. بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي اڳواڻ محبوب عالم 2013ع کان چين جي عالمي طاقت بڻجڻ جي ظاهري بلندي تي روشني وڌي ۽ ان تر??يءَ کي قومي تجديد جي مرڪز ويزن سان ڳنڍيل قرار ڏنو. هن چيو ته چين 21هين صدي جي قيادت لاءِ سٺي پوزيشن ۾ آهي، جنهن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو عالمي تر??ي جي جوڙجڪ ۾ مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسڪالرن سڄي ا??شيا ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيوارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ چين جي عزم تي روشني وڌي جنهن جو مثال بنگلاديش سان بي آر آءِ جي فريم ورڪ تحت سهڪار شامل آهي. هن وضاحت ڪئي ته بنگلاديش جي اسٽريٽجڪ مقام بي آر آءِ تحت وڌندڙ ڪنيڪٽوٽي جي چيني ويزن لاءِ تمام اهم آهي، اهو گڏيل تر??ي ۽ علائقائي ا??ضمام لاءِ چين جي عزم کي ورجائي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ايشين انسٽيٽيوٽ آف ايڪو سولائزيشن ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ شڪيل احمد غربت جي خاتمي جي حوالي سان چين جي تبديلي آڻڻ وارن طريقن کي اجاگر ڪيو ۽ ان جي ڪاميابيءَ جو عمل ۽ عام فهم تي ٻَڌل حل قرار ڏنو. هن وضاحت ڪئي ته چين شروعات ۾ زميني سڌارن کي ترجيح ڏني جنهن کان پوءِ پيداوار جي قيمتن ۾ واڌ ۽ لاڳتن ۾ گهٽتائيءَ لاءِ اسٽريٽجڪ ايڊجسٽمينٽ ڪئي وئي جنهن سان اقتصادي تر??ي لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيو. هن چيو ته 1949ع ۾ چين جي تعليم جي شرح فقط 20 سيڪڙو هئي جيڪا تعليمي ادارن جي قدمن عيوض هاڻ اٽڪل 100 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. صحت جي شعبي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو جنهن سان هڪ صتحمند ورڪ فورس ۽ آباديءَ کي يقيني بڻايو ويو. انفراسٽرڪچر پڻ هڪ اهم ٿنڀ هو جنهن ۾ چين هاڻ تائين 177000 ڪلوميٽرن جون شاهراهون رکندڙ آهي ۽ ملڪ جو 97 سيڪڙو حصو جي – 4 نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ جاري معاشي ۽ سماجي تر??ي ۽ ڪنڪيوٽي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي سفارتڪار ۽ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت اڳوڻي مددگار طارق فاطمي چين جي بلندين کي عالمي استحڪام لاءِ خطرو ??مجهڻ ??ي غلط فهمين کي رد ڪندي ا?? ڳالهه تي زور ڀريو ته چين ڪڏهن به پرڏيهي جارحيت جي ڪوشش نه ڪئي. هن چيو ته اها ”خطري“ جي ڪهاڻي ا??هن ماڻهن طرفان پيش ڪئي ويندي آهي جيڪي هڪ قطبي عالمي نظام جي وڪالت ڪن ٿا. هن چيو ته چين جي عالمي لاڳاپن جو ماڊل پُرامن گڏيل بقا ۽ گڏيل تر??ي کي هٿي ڏئي ٿو جنهن سان عالمي استحڪام کي هٿي ۾ چين جو منفرد نقطه نظر ظاهر ٿئي ٿو. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ چيئرمين صنوبر انسٽيٽيوٽ اعزاز احمد چوڌري ا?? تقريب کي خطاب ڪندي ا?? ڳالهه تي زور ڀريو ته دنيا جي ٻئي سڀ کان وڏي معيشت هئڻ باوجود چين پاڻ کي گلوبل جو حصو مڃي ٿو ۽ اُسرندڙ ملڪن کي پنهنجون صلاحيتون مضبوط ڪرڻ ۽ پرڏيهي سهولتن تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. هن چيو ته تمام اُسرندڙ ملڪ چين جي ا?? نقطه نظر مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ان کي پاڻ ڀاڙڻ ۽ استقامت طور ڏسن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيئن جيئن چين ۽ ٻيا اُسرندڙ ملڪ متحد ٿي رهيا آهن کين اولهه طرفان تنقيد ۽ مزاحمت کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، خاص طور تي برڪس ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حوالي سان جيڪو اڪثر غلط طور تي عالمي معيشت جي ”ڊي ڊالرائزيشن جي ڪوششن طور تي پيش ڪئي وڃي ٿي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اولهه کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته عالمي حالتون بدلجي رهيون آهن. پاڪستان هڪ اهم اقتصادي مقام تي آهي ۽ هن پاڪستان جي ا??س سي ا?? ۾ ڪردار تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان کي جلد ئي برڪس ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن سان عالمي اتحادين ۾ پاڪستان جي مطابقت جو اظهار ٿئي ٿو. مالديپ جي پارليامينٽ جي ميمبر احمد طارق عالمي سياست کي جوڙجڪ ۽ دنيا کي ڪثير قطبي نظام طرف وٺي وڃڻ ۾ چين جي ا??م ڪردار کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ صدر شي جن پنگ ان تبديليءَ جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهو بدلجندڙ عالمي نظام ننڍن ملڪن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهي پر کين عالمي تر??يءَ جي منظرنامي ۾ شامل ڪري ٿو. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئٽو ذريعي چين اعتماد تي ٻَڌل لاڳاپن کي هٿي ڏني آهي ۽ ڀائيوار ملڪن خاص طور تي مالديپ ۾ بنيادي ڍانچي کي ٻيهر زندهه ڪيو آهي. پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر ميجر (ر) جنرل رضا محمد ”قاعدن تي ٻَڌل عالمي نظام“ جي تصور تي سوال اُٿاريو ته اصل ۾ ڪهڙا قانون ۽ ڪنهن جو نظام عالمي لاڳاپن جي حڪمراني ڪري ٿو. هن اسرائيل طرفان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ”پرسو نانا گراٽا“ قرار ڏيڻ جي تازي اعلان کي عالمي اصولن جي چونڊيل ۽ لاڳو ڪرڻ جي هڪ مثال طور پيش ڪيو. قومي سلامتي جي حڪمت عملي جي ڀيٽ نه ڪندي هن چيو ته چين جو نقطه نظر ”قومي احيا“ تي کُتل آهي جيڪو داخلي تر??ي ۽ عدم مداخلت تي ٻَڌل آهي جڏهن ته آمريڪا ”سڀ کان پهرين آمريڪا“ جي اصولن کي اختيار ڪندو آهي جيڪو طاقت ذريعي ا??ن ۽ آمريڪي ا??فراديت جي وڪالت ڪري ٿو. ڊاڪٽر رضا چيو ته آمريڪي حلقن ۾ اها ڳالهه چڱيءَ ريت تسليم ڪئي وئي آهي ته چين وٽ مختلف ش??بن ۾ آمريڪا جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت آهي جنهن سان چين هڪ اهم عالمي هم منصب جي حيثيت اختيار ڪري رهيوآهي. ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان- چائينا انسٽيٽيوٽ جي ا??گزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مصطريٰ حيدر سيد ” چين جا 75 سال: مائوزيڊونگ کان شي جن پنگ تائين“ جي عنوان سان هڪ اهم رپورٽ پڻ لانچ ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي ناليوارن ماهرن جا لکيل بصيرت وارا باب شامل آهن. ڪانفرنس ۾ 250 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ اڪيڊيميا، ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا، صنعتڪار ۽ زندگيءَ جي مختلف ش??بن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل هئا. ان کان علاوه ان تقريب ۾ ڪيترن ئي سفارتخانن جي سفيرن پڻ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ عالمي سطح تي چين جي هاڪاري ڪردار تي روشني وڌي.