اسلام آباد-25 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته ??اڪ??تان ۾ پرڏيهي س??ڙپڪارن کي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڀرپور موقعا ملي رهيا آهن، حڪومت سڌارن جي جامع ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، معاشي استحڪام لاءِ قدمن جي نتيجي ۾ اهم معاشي اهڃاڻ مثبت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي بهار جي موسم جي سالياني اجلاس جي موقعي ??ي واشنگٽن ڊي س?? ۾ مختلف ملاقاتن، تقريبن ۽ سرگرمين دوران ڳالهائيندي ڪ??و. ناڻي واري وزير سٽي بئنڪ، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ ۽ جي پي مورگن طرفان منعقد سيڙپڪار فورمز ۾ شرڪت ڪئي ۽ گذريل مالي سال ۾ ??اڪ??تان جي معيشت جي ڪارڪردگي بابت سيڙپڪارن کي تفصيل سان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام لاءِ کنيل قدمن جي نتيجي ۾ اهم معاشي اهڃاڻ درست رخ ۾ گامزن آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس، توانائي، سرڪاري ادارن ۾ بهتري، نجڪاري ۽ حڪومتي ڍانچي ۾ اهم سڌارن تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. حڪومت مجموعي پيداوار جي شرح سان ٽيڪسن جي شرح ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن قومي مالياتي معاهدي ۾ صوبائي حڪومتن جي ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ناڻي واري وزير فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۾ عملي، عمل ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سڌارن جو ذڪر ڪيو. هن ان موقعي تي چيني آءِ پي پيز سان بجلي جي خريداري جي معاهدن تي ڳالهين، خاص اقتصادي زونز ۽ خودمختار ويلٿ فنڊ بابت سيڙپڪارن جي مختلف سوالن جا جواب پڻ ڏنا. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير ??اڪ??تان جي ترقي ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ، تعليم ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ بئنڪ جي س??ڙپڪاري جي واکاڻ ڪئي. هن سعودي عرب جي س??ڙپڪاري واري وزير جي ??اڪ??تان جي تازي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ نجي شعبي سان بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي هٿي ڏني وئي. ناڻي واري وزير مهمند ڊيم جي تعمير ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ عرب ڪوآرڊينيشن گروپ جي ٻين ميمبرن جي س??ڙپڪاري کي ساراهيو ۽ ان کي وڏي ۽ وڌيڪ گڏيل منصوبن لاءِ هڪ ڪامياب مثال قرار ڏنو. ناڻي واري وزير يو ايس ??اڪ??تان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ۾ آمريڪا ۽ ??اڪ??تان وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪائونسل جي ڪردار کي واکاڻ ڪئي آهي.هن آمريڪي ڪ??پنين کي حڪومت جي س??ڙپڪاري دوست پاليسين ۽ خاص سيڙپڪاري س??ولت ڪائونسل ذريعي فراهم ڪيل ون ونڊو سروس مان فائدو حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي هن وزيراعظم طرفان ڪائونسل کي ??اڪ??تان جي دوري جي دعوت جو به ذڪر ڪيو. جي پي مورگن بئنڪ جي نمائندن سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير معيشت ۾ تازي بهتري ۽ ??اڪ??تان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ (ايس بي اي) معاهدي جي پڄاڻي تي ??اڪ??تان جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٽيڪس، نجڪاري، سرڪاري ادارن جي نئين سر تنظيم ۽ عالمي ڪ??پٽل مارڪيٽن ۾ داخل ٿيڻ جي حوالي سان حڪومت جي عزم تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ان سلسلي ۾ پهرين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير برطانيه جي ترقي، عورتن ۽ برابري واري وزير انيليسي ڊوڊز سان ملاقات ۾ ترقي جي شعبي ۾ ??اڪ??تان ۽ برطانيه جي پراڻي حصيداري کي ساراهيو ۽ ??اڪ??تان لاءِ آءِ ايف سي جي موسيماتي س??ڙپڪاري فنڊز ۾ 120 ملين ڊالرن جي س??ڪار جي آجيان ڪئي. ناڻي واري وزير برطانوي ڪ??پنين کي زراعت، آءِ ٽي، کاڻيون کوٽڻ ۽ معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت به ڏني ۽ ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ منافعي ۽ ڊيويڊنڊ جي واپسي جا سمورا التوا هيٺ ڪيس ڪليئر ڪري ڇڏيا آهن. عالمي بئنڪ جي آپريشنز بابت مينيجنگ ڊائريڪٽر اناجير دي سان ملاقات ۾ ??اڪ??تان جي ترقياتي ترجيحن ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪ??ٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف سان سهڪار سان شروع ٿيل گڏيل ڊوميسٽڪ ريسورس موبلائيزيشن انيشيٽيو جو تعارف ڪرايو. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ طرفان پي فار آر ۽ آءِ پي ايف لاءِ چئن سالن تائين ڪا ڪمٽمنٽ فيس نه وٺڻ جي فيصلي کي ساراهيو. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته پراجيڪٽ جي بهتر تياري لاءِ عالمي بئنڪ طرفان صلاحيتن ۾ بهتري جا ورڪشاپس منعقد ڪيا وڃن. بئنڪ فار آمريڪا سيڪيورٽيز طرفان منعقد سمال ٽاڪس فورم دوران ناڻي واري وزير حڪومت جي معاشي استحڪام جي ڪ??ششن ۽ گذريل سال جي معاشي ڪارڪردگي جو جامع جائزو پيش ڪيو. هن ٽيڪس، توانائي، نجڪاري ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ٻڌايو ته ايف بي آر ۾ جامع سڌارن جو سلسلو جاري آهي. هن سيڙپڪارن کي زراعت، آءِ ٽي، کاڻيون کوٽڻ ۽ تجديد جوڳي توانائي جي شعبن ۾ حصيداري جي دعوت ڏني. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ گروپ جي صدر اجي پال سنگهه بنگا طرفان ڏنل تقريب کي شرڪت ڪئي، ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جي صدر کي ??اڪ??تان ۾ واقع سک گردوارن جي فريم ٿيل تصوير جو تحفو پيش ڪيو.