استنبول-24 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آذ??با??يجان جي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير عليوف عصمت راشد ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وزيرن وچ ۾ گهڻ رخي ڀائراڻن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفن معاملن کي هٿي ڏيڻ بابت ڳ??له??ون ٿيون. آذ??با??يجان جي مملڪتي وزير ڪجهه ڏينهن اڳ اتر عربي سمنڊ ۾ 145 ملين ڊالرن جي ماليت جي 2400 ڪلوگرام کان وڌيڪ منشيات ضبط ڪرڻ جي پاڪ بحريه جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيو. مملڪتي وزير، محسن نقوي جي قيادت ۾ پاڪستاني عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن استنبول انٽرنيشنل ايڪسپو ۾ پاڪستاني پويلين جو دورو به ڪيو، هن پاڪستاني پويلين ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جا جديد اوزار ۽ مشينري ڏٺي ۽ انهن جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. وزيرن گڏيل ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام، بارڊر مينيجمينٽ ۽ منشيات جي روڪٿا?? جي حوالي سان پڻ ڳ??له?? ٻولهه ٿي. وزيرن گڏيل سهڪار کي پائيدار بنياد?? تي هٿي ڏيڻ لاءِ مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آذ??با??يجان جي مملڪتي وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني، جڏهن ته آذ??با??يجان جي مملڪتي وزير، وفاقي وزير محسن نقوي کي باڪو جي دوري جي دعوت ڏني. گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آذ??با??يجان وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.