اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن ک?? هٿي وٺائڻ ضروري آهي، پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن ک?? هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. گذريل ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس جي شروعات تي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ وزيراعظم چيو ته ايس سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، اسان پنهنجي معزز مهمانن ک?? اسلام آباد ۾ خوش آمديد چئون ٿا. هن چيو ته ايس سي او ملڪ دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن ک?? هٿي وٺرائڻ ضروري آهي، اڄ جو اجلاس علائقائي تعاون لاءِ اهم موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، اسان ک?? پنهنجي ماڻهن ک?? بهتر معيار زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. معاشي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اسان ک?? گڏجي اڳيان وڌڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان اسان ک?? يقين ??هي ته اجلاس ۾ ٿيل نفعو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ??طي جي عوام لاءِ ڏور رس ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان عالمي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده صورتحال گڏيل قدمن جي گهرجائو آهي، پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن ک?? هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اسان ک?? گڏيل ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي سياحتي رابطن ۽ ماحول دوست ترقي جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، واپاري رابطن ۾ اضافي لاءِ ڪوششون به ضروري آهن.