اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين جي اچڻ جا 77 سال پُورا ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان پنهنجي پختي يڪجهتي ج?? ورجاءُ ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل قومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت کي خط لکيا آهن جن ۾ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي ه??ٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري صورتحال کي اجاگر ڪيو ويو آ??ي. ??رجمان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڪشميري سياسي قيدين ۽ ڪارڪنن جي آزادي سميت انساني حقن جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عالمي ڪارروائي تي زور ڏنو آ??ي. ??رجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرام?? حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.