اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته معاشري ۾ تعليم ۽ شعور سان امن کي هٿي ملي ٿي، نوج??ان نسل کي تعليم ۽ تربيت سان ئي ملڪ ۽ قوم کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا نوج??ان نسل کي معياري تعليم سان گڏ ا?? جي ڪردار سازي تي به خاص ڌيان ڏين، والدين ۽ استاد?? جي پهرين ذميداري آهي آهي ته هو قوم جي نوجوانن کي امن، معاشرتي ادب، صبر ۽ تحمل سان اڳيان وڌڻ جو درس ڏين ته جيئن هڪ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ ملڪ کي ترقي يافته بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي ۾ پنجاب ڪاليج ڊي 9 ڪيمپس ۾ انٽرميڊئيٽ جي شاگردن کي ويلڪم ايونٽ ۾ خاص مهما?? جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ڊائريڪٽر پنجاب گروپ آف ڪاليج چوڌري اڪرام، ڪي پي ڪي جي گورنر جي آجيان ڪئي ۽ ڪاليج جو دؤرو ۽ شاگرد?? جي حوصله افزائي ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ??يو. تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته ڪنهن به معاشري کي جيڪڏهن مثالي بنائڻو هجي ته ا?? جي صرف تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏجي، معاشرو پاڻ ئي مثالي بڻجي ويندو. تعليم حاصل ڪرڻ جو مطلب صرف ڊگري وٺڻ ناهي پر ان سان گڏوگڏ معاشري جي اصلاح، تعمير ۽ تهذيب سکڻ به شامل آهي ته جيئن شاگرد پنهنجي ديني، معاشرتي روايتن ۽ قدرن جو خيال رکي سگهن. هن خطاب ڪندي چيو ته انٽرميڊيئيٽ اوها?? جي تعليمي سفر جو سڀ کان اهم حصو آهي، ا?? جي ڪارڪردگي اوها?? جي ايندڙ سفر جو تعين ڪندي، جيڪڏهن توهان هتي تعليمي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ته اوها?? جي منزل آسان ٿي ويندي.