ڪوئيٽا – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي مڪاني کاتي جو وزير ۽ چيف سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هو ??جهه عرصي کا?? بيمار هو. فيملي ذريعن مطابق سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي 10 ڏينهن کا?? ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ عل??ج هيٺ هو، هو ??ڦڙن ۽ گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو. سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي جي ڀاءُ هربيار ڊومڪي جو چوڻ آهي ته سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو مڙهه ڪراچي کا?? لهڙي منتقل ڪيو پيو وڃي، سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جي تدفين لهڙي جي اباڻي قبرستان ۾ ٿيندي. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي جو واسطو پيپلزپارٽي سان هو جيڪو پي بي 8 سبي تان ڪامياب ٿيو هو. سردار سرفراز چاڪر ڊومڪي مختلف دور ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو حصو رهيو آهي ۽ ايس اينڊ جي اي ڊي سميت ٻين کاتن جو صوبائي وزير رهيو هو. اڳوڻي صوبائي وز??ر مرحوم سردار چاڪر خان ڊومڪي جي 2007 ۾ وفات بعد سردار سرفراز چاڪر خان ڊومڪي کي ڊومڪي قبيلي جو سردار چونڊيو ويو هو.