اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو باصلاحيت نوجوان آهن، پاڪستان ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي ، مڪس مارشل آرٽس شعبي ۾ پاڪستان جي حڪومت ف??ڊر??شن سان مڪمل تعاون ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مڪس مارشل آرٽس ف??ڊر??شن جي عهديدارن ۽ رانديگرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ صدر پاڪستان مڪس مارشل آرٽس ف??ڊر??شن عمر احمد، چيمپيئنز ايمان خان، بانو بٽ، بريو ڪامبيٽ ف??ڊر??شن ونرز رضوان علي، ضياءَ مشواڻي ۽ اسماعيل خان شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد ??ال??، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو اثاثو پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان آهن، انٽرنيشنل مڪس مارشل آرٽس ف??ڊر??شن ايشيئن چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي رانديگرن 12 ميڊل کٽي ملڪ ۽ قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو، ??نهنجي ڀرپور خواهش آهي ته پاڪستان جا رانديگر ائين ئي ??ال??ي سطح تي مقابلن ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪندا رهن، توهان سڀني رانديگرن سان ملي دلي خوشي ٿي، توهان پاڪستان جو قيمتي سرمايو آهيو، توهان سڀني جي صلاحيتن کي ڏسي اطمينان ٿئي ٿو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي. هن چيو ته مڪس مارشل آرٽس جي شعبي ۾ پاڪستان جي حڪومت ف??ڊر??شن سان مڪمل تعاون ڪندي، پاڪستان ۾ راندين جي ميدانن کي آباد ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته خادم پاڪستان جون ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ، راندين جي مقابلن ۽ رانديگرن جي سليڪشن جي لاءِ شفافيت يقيني بڻائڻ جهڙا قدم کنيا. هن چيو ته بطور وزيراعظم آئون پنهنجو اهو فرض سمجهان ٿو ته پاڪستان جي رانديگرن جي ??ال??ي مقابلن ۾ شرڪت جي لاءِ هر قسم جي مدد فراهم ڪئي وڃي، مڪس مارشل آرٽس ف??ڊر??شن پاران پاڪستان ۾ ??ال??ي مقابلا منعقد ڪرڻ ساراهه جوڳو قدم آهي. ان موقعي تي وزيراعظم کي تازو ئي ف??ڊر??شن ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي تعاون سان منعقد مڪس مارشل آرٽس جي ??ال??ي مقابلن بابت آگاهه ڪيو ويو جن ۾ 18 ملڪن مان 300 ايٿليٽس حصو ورتو، ??اڪستاني ايٿليٽس 4 سلور ميڊلز پڻ حاصل ڪيا جڏهن ته پاڪستان جي ٻن عورت فائٽرز گولڊ ميڊلز کٽيا. گولڊ ميڊلز کٽيندڙ رانديگرن ۾ ايمان خان ۽ بانو بٽ کانسواءِ ٻين رانديگرن وزيراعظم کي پنهنجي پنهنجي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. وزيراعظم کي مڪس مارشل آرٽس جي شعبي جي ترقي جي لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي تجويزن تي غور ڪرڻ ۽ مشاورت ڪري جلد عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.