اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته تحريڪ انصاف پنهنجي ??لسي ۾ اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪئي ۽ ملڪ کي چئلينج ڪيو، ملڪ جي وجود کي هڪ شخص جي وجود سان لا??م قرار ڏيڻ درست ناهي، گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبر علي محمد خان جي ??عتراض واري نقطي جي ??واب تي ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ٻن ٽن ڏينهن جي واقعن تي تفصيلي بحث ٿيو آهي، پر جڏهن هي اهو چون ته خان نه ته پاڪستان نه ته ان جو ٻيو ڪهڙو ري ايڪشن ايندو، ملڪ جي وجود کي هڪ شخص جي وجود سان لا??م قرار ڏيڻ درست ناهي. گذريل رات جيڪو ڪجهه ٿيو اهو هڪ ڏينهن اڳ جلسي جو رد عمل هو. هن چيو ته هن ايوان جي ??اريخ ۾ ڪڏهن به ايئن ناهي ٿيو ته هي پريس گئلري ۽ هي ايوان هڪجهڙو موقف رکندا هجن، اسان جي ۽ صحافين جي ??ه دل آزاري ٿي، عورتن بابت اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪئي وئي ۽ ملڪ کي چئلينج ڪيو ويو. هن چيو ته اقتدار دوران ۽ اقتدار ختم ٿيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جدوجهد ڏسي وٺو، ان جي ??دوجهد جمهوري قدرن سان هڪجهڙائپ نه ٿي رکي، ان جي ??ڄي ڳالهه ٻولهه ملڪ جي ??لامتي خلاف آهي. 9 مئي تي هنن سمورا ملٽري ٽارگيٽ چونڊيا ۽ انهن جي ??وهين ڪئي وئي، ڪرنل شير خان جو مجسمو ٽوڙي توهين ڪيو ۽ 6 سيپٽمبر تي وري ??تي وڃي فاتحه خواني ڪيو ته ان کان وڌيڪ منافقت ٻي ڪهڙي ٿيندي. هن چيو ته مون تي به آرٽيڪل 6 لڳايو ويو. هن چيو ته اهو ڪنهن چيو هو ته خان نه ته پاڪستان نه. هي ملڪ جي ??اريخ ۾ ڪارو ڏينهن هو، هڪ صوبي جي وڏي وزير وفاق ۽ ملڪ کي للڪاريو، ان کان پوءِ چون ٿا ته فوج اسان جي ??هيد اسان جا. هي جڏهن چاهين پنهنجو بيانئو تبديل ڪن ٿا. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير 15 ڏينهن پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻه ڏينهن گذري ويا آهن اسان ان جو انتظار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هڪ وڏو وزير جڏهن ڌيئرن جي ??وهين ڪئي ته ان وقت ان جو ضمير ڪٿي هو؟ پنجابي، پشتون، بلوچي ۽ سنڌي گڏجي ڪري پاڪستان ٺاهيندا آهن، پشتون قوم تي ڪنهن اجاره داري ناهي، ??تي به محب وطن پاڪستاني رهن ٿا.