اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪ??مي?? بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ او آءِ سي ڪائونسل آف پرڏيهي وزيرن ??ي 50 هين اجل??س جي موقعي تي منعقد ٿيو، اجل??س جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ ڪئي، پاڪستاني وفد پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي جي قيادت ۾ شريڪ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعدوي عرب، ترڪيه، نائجير، آذربائيجان، او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آءِ پي ايڇ آر سي) ۽ ڪ??مي??ي عوام جي حقيقي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري رابطا گروپ کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي ۽ قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? تي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي ڀارت جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ڌمڪي ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪرڻ به شامل آهي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? ۾ سمورن ??ياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪالعدم سياسي پارٽين تان پابنديون هٽائي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. رابطا گروپ ڪ??مي??ي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪ??مي??ي عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪ??مي?? تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو ويو آ??ي. ??ابطا گروپ متفقه طور تي هڪ گڏيل پڌرنامو پڻ منظور ڪيو جنهن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪ??مي?? تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪ??مي??ي عوام جي امنگن موجب حتمي حل سان لڳاپيل آهي.