لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) اڳوڻي خاتون اول ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي ڇهين ورسي جي موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي سنيئر اڳواڻ ۽ سڌ سماءَ وار?? وفاقي وزير عطاالله تارڙ جي والد?? ساجده فاروق تارڙ پنهنجي آفيس ۾ هڪ دعائيه ت??ريب منعقد ڪئي. دعائيه ت??ريب ۾ تڪ اين اي 127 جي عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ قرآن خواني ۽ نعت خواني ڪئي وئي. جڏهن ته ت??ريب جي پڄاڻي تي مرحومه لاءِ دعا به ڪئي وئي. ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي ساجده فاروق تارڙ چيو ته بيگم ڪلثوم نواز جون سياسي ۽ سماجي خدمتون ڪنهن کان به لڪيل ناهن، هن آمريت جي دور ۾ جهڙي طرح پارٽي کي سنڀاليو هو ان کي سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن چيو ته مادر جمهوريت جي جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ دعائيه ت??ريب جو انتظام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڄي تڪ جي عورتن شرڪت ڪئي آهي. تقريب ۾ اين اي 127 ويمن ونگ جي ڪوآرڊينيٽر رابعه افضل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.