اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قوم چيو آهي ته قوم دهشتگردي خلاف جنگ دوران شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿي ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي سبب متاثرن جي ياد ۽ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي عالمي ڏين??ن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته آخري دهشتگرد جو خاتمو ڪري شهيدن جي رت جو قرض لاهينداسين. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ?? شهيد ٿيل قوم جا محسن آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هر طبقي قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن پنهنجي رت ??ان امن قائم ڪيو آهي. هن چيو ته تاريخ عالم پاڪستان جي لازوال قربانين جي ڪنهن ٻئي مثال ڏيڻ کان قاصر آهي، پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين ماڻهو شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن?? حڪومت ۽ قوم شهيدن جي بهادر خاندانن ??ان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته شهيدن ??ان انهن جي ڪٽنبن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ٿيون ٿا. اڄ ا??ان هڪ قوم جي حيثيت ??ان دهشتگردي سبب متاثرن ??ان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستاني قوم پختي عزم ۽ حوصلي ??ان دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏنو آهي، اڄ ا??ان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي تائين سک ??ان نه ويهنداسين ۽ ا??ان جو مستقبل وڌيڪ پرامن ۽ محفوظ هوندو.