اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ جي مختلف علائقن خاص ڪري بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي وهڪرن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثرن جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سندن غم ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته زخمين ک?? جلد صحتيابي عطا فرمائي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني لاڳاپيل ادارن کي قدمن ۾ تي??ي آڻڻ جي هدايت به ڪئي. هن چيو ته قدرتي آ??تو?? هڪ عالمي مسئلو آهن، گڏيل ڪوششن سان ئي ناڪاري اثرن کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جهڙا چئلينجز سامهون آهن، برسات دوران ماڻ??ن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن.