اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊ??ر جي صدارت ۾ مزار ح??رت امام بري رحه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مئنيجمينٽ ڪميٽي ح??رت بري امام رحه جي سالياني عرس جي انتظامن جو جائزو ورتو. 14 آگسٽ تي چادر پوشي جڏهن ته ح??رت بري امام رحه جو ساليانو عرس 15 کان 17 آگسٽ تي ٿيندو. نا??ب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جي انتهائي غيرمعمولي انتظامن جي هد??يت ڪئي. هن انتظاميا ۽ سي ڊي اي کي زائرين کي شٽل سروس فراهم ڪرڻ ۽ زائرين جي سهولت جي ڏس ۾ ٿرڊ ايونيو کان متبادل روڊ جي تياري ي??يني بڻائڻ جي پڻ هد??يت ڪئي. نا??ب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ زائرين کي سهولتن جي فراهمي ي??يني بڻائي وڃي. هن هد??يت ڪئي ته عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت زائرين جي لاءِ مزار ح??رت بري امام رحه ڪمپليڪس ۾ خصوصي انتظامن کي ي??يني بڻايو وڃي ۽ اهو ته تقريبن دوران زائرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر خادم درگاهه بري امام راجه سرفراز اڪرم، محسن رضا نقوي ۽ سهيل اقبال ڀٽي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.