اسلام ??باد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري م??لم??ن امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ م??لم??ن ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته سعودي ??رب ويجهو دوست آهي، پاڪستان سدائين سعودي ??رب سان گڏ بيٺل رهندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد چيو ته سعودي ??رب جي قيادت ۽ عوام پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا، پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي مضبوط حصيداري آهي. هن چيو ته ٻنهي ملن کي اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صلاح بن محمد سعودي ??رب جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته شهزاده محمد بن ??لم??ن جي شروع ڪيل سڌارن سان سعودي ??رب ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. صدر آصف علي زرداري شهزاده محمد بن ??لم??ن جي جرئتمنداڻي ۽ دورانديش قيادت کي ساراهيندي چيو ته اميد آهي ته مسجد نبوي ﷺ جي امام جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ??ن موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي.