اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن سول سروس ۾ ??رت?? جو عمل وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موثر ۽ شفاف ??رت?? جي عمل سان اهل ۽ باصلاحيت سرڪار?? ملازمن جي چونڊ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي سينيئر ميمبر اڪب?? حسين دراني جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته ڪميشن تي سرڪار?? ملازمن جي ??رت?? جي اهم ذميواري لاڳو آهي، ڪميشن ملازمت جي لاءِ صحيح شخص جي چونڊ جي لاءِ جديد طريقيڪار تي غ??ر ڪري. صدر عورتن ۽ اقليتن جي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرڪاري نوڪرين ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي وڌائڻي پوندي. آصف علي زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ نئين طريقن خاص طور تي ڪمپيوٽرائيزڊ ٽيسٽنگ سان ??رت?? جو عمل وڌيڪ موثر ۽ شفاف بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته لکت واري امتحان ۾ سٺا نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي منصفاڻي طور تي جانچيو وڃي. اڪب?? حسين دراني صدر کي سرڪار?? ملازمن جي ??رت?? ۾ ڪميشن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو ۽ ڪميشن کي درپيش ڪجهه مسئلن تي پڻ روشني وڌي. صدر وفد کي مسئلن جي حل ۽ ??رت?? جو نظام بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون ۽ رهنمائي جو يقين ڏياريو.