اسلام آباد -07 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات ??ي مبارڪون ڏيندي دعا ڪئي آه??، ته هي هجري سال اسان جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب نئين اسلامي سال 1446هجري جي شروعات تي ??در مملڪت آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آه??، ته مان پاڪستاني قوم ۽ مسلم امت کي نئين اسلامي سال 1446هجر ي جي شروعات ??ي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو ۽ مان الله تعاليٰ جي حضور دعاڳو آه??ان ته هي هجري سال اسان جي ملڪ لاءِ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جو سبب بڻجي. هن چيو ته محرم الحرام کي اسلامي تاريخ ۾ خاص اهميت ۽فضيلت حاصل آه??. رمضان المبارڪ جي مهيني کان پوءِ محرم الحرام ۾ عبادتن کي خاص فضيلت حاصل آه??. هن مهيني ۾ الله تعاليٰ هر قسم جي فتني کان منع فرمائي بندگي جي ڪمن ۾ مشغول هئڻ جي تلقين فرمائي آه??. نئين سال جي شروعات ۾ اسان کي گناهن کان بچڻ، بارگاهه الاهي ۾ توبه ڪرڻ ۽ دين اسلام جي تع??يم تي ??ور ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته هي مهينو دين جي سرفرازي خاطر حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندس وفادار ساٿين جي لازوال قرباني جي ياد به تازه ڪري ٿو ۽ اسان کي ان ڳالهه جو سبق ڏئي ٿو ته دين جي سر بلندي خاطر جدوجهد ئي زندگي جو اصل مقصد آه??. حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ سندس ساٿين ظلم ۽ طاغوتي ??اقتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اوهان ۽ اوهان جا ساٿي ظلم ۽ جبر خلاف جدوجهد ۾ قرباني ۽ استقامت سبب امر ٿي ويا آه??. هي مهينو اسان کي خدا پاڪ جي خوشنودي، ظلم خلاف ڄمي بيهڻ ۽ حق جي فتح خاطر وڏي کان وڏي مصيبت جي باوجود ثابت قدم رهڻ جو درس ڏئي ٿو. صدر مملڪت چيو ته نئون اسلامي سال اسان کي پنهنجي زندگين ۽ طرز عمل تي ??ور ڪرڻ ۽ ان کي اسلامي تع??يم موجب اختيار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، اسان کي پنهنجي اندر حق ۽ باطل ۾ فرق ۽ دين جي صحيح تع??يم بابت فهم ۽ شعور پيدا ڪري ٿو. اسان سڀني کي گهرجي ته اسان پنهنجي اندر اخوت، صبر ۽ برداشت جون خصوصيتون پيدا ڪيون ۽ گڏيل اختلافن کي وساري قومي يڪجهتي ۽ بين المسالڪ هم آه??گي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيون. مان الله پاڪ جي حضور ۾ دعاڳو آه??ان ته هو ملڪ پاڪستان کي هر قسم جي آفتن کان محفوظ فرمائي ۽ اسان سڀني کي پنهنجون زندگيون اسلامي اصولن مطابق بصر ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. الله تعاليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر هجي. آمين.