اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. ايڊيشنل پرڏيهي سيڪري??ري (يورپ) سفير شفقت علي خان پاڪستان جڏهن ته بيلاروس پاران اول نائب پرڏيهي وزير سرگئي لوڪرائیلی_جارحیت/135629.html">ا ش??وچ وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين سياسي لاڳاپن، اعليٰ سطح جي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه، واپار ۽ سيڙپڪاري، فوجي ۽ سيڪيورٽي تعاون، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن بابت ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو. پاڪستان بيلاروس لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. سفير سرگئي لوڪرائیلی_جارحیت/135629.html">ا ش??وچ پرڏيهي سيڪري??ري محمد سائرس سجاد قاضي سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون جي شعبن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي پرڏيهي سيڪري??ري گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ متنوع بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.