اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي ??زي?? وفاقي ??زي?? عطا الله تارڙ چي?? آهي ته مولانا فضل الرحمان اسان جو بزرگ ۽ قابل احترام سياستدان آهي، سياست ۾ سمورن مسئلن جو حل صرف ڳالهين ۾ آهي، موجوده صورتحال ۾ بيان بازي بدران پارليامينٽ ۾ سياست ٿيڻ گهرجي. جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس جي رد عمل ۾ پنهنجي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي ??زي?? چيو ته حڪومت جي بهتر معاشي حڪمت عملي سان ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخي بلندي تي آهي، جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي، واپاري خسارو گهٽ هجڻ سان گڏ روپئي جو قدر مستحڪم هجڻ پڻ سٺو سنئوڻ آهي. وفاقي ??زي?? چيو ته ايندڙ ع??م چونڊون 2029ع ۾ مقرر وقت تي ٿينديون. هن چيو ته بزرگ سياستدان هجڻ جي ناطي مولانا صاحب کي حڪومت جي معاشي بهتري جي قدمن کي ساراهڻ گهرجي.