اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 4 ۽ 5 مئي تي گيمبيا جي شهر (بانجول) ۾ اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي 15 هين سربراهي ا??لا?? ۾ پاڪ??تا??ي وفد ??ي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار 2 ۽ 3 مئي تي او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي ا??لا?? ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن ۾ سربراهي ا??لا?? جي ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏني ويندي. بيان موجب اهو ا??لا?? مسلمان امت جي لاءِ اهڙي مشڪل وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن غزه جي عوام مسلسل جنگ واري حالت ۾ آهي. اهو اسلامي ملڪن جي سربراهن جي لاءِ هڪ اهم موقعو هوندو جتي اهي غزه جي صورتحال تي غور ڪن ?? هڪ مضبوط، گڏيل ۽ متفقه موقف اختيار ڪن. سربراهي ا??لا?? جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار غزه ۾ تازي نسل ڪشيءَ، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي خودمختياري جي حق، مسلمان امت جي اتحاد ۽ يڪجهتي، اسلامو فوبيا ۾ اضافي، دهشتگردي ۽ عالمي چئلينجن بابت پاڪ??تا?? جو موقف پيش ڪندو. ا??لا?? جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ا??لا?? ۾ شريڪ سربراهن ۽ پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.