اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي عملدارن پاران ڀارت جي غيرقان??ني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ ٻي سياسي پارٽي ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ کي غيرقان??ني قرار ڏيڻ جي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غيرقان??ني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقان??ني قرار ڏني ويندڙ ڪشميري سياسي پارٽين جو انگ 9 ٿي ويو آهي جن جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترجما?? چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ جو چيئرمين نعيم احمد خان 2017ع کان ڀارتي جيل ۾ بند آهي. ه?? چيو ته ڀارت جي غيرقان??ني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اها جابراڻا قدم عالمي انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادن جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجما?? چيو ته ڀارت ڪشميري پارٽين تان پابنديون فوري طور تي هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشم??ر بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي فوري عملدرآمد ڪري. ه?? چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.