اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان غزه ج?? شهر رفح تي اسرائيل جي فوجي جارحيت ۽ ان جي نتيجي ۾ فلسطيني عوام جي ??تل عام ۽ ان جي تباهي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته رفح ۾ اسرائيل جي جارحيت غزه جي ماڻهن ??ي نسل ڪشي کان بچائڻ جي لاءِ انصاف جي ع??لمي ع??الت پاران عارضي قدمن جي خ??اف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اهو غزه ۾ گذريل 4 مهينن دوران ٿيندڙ انساني تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو ۽ امڪاني جنگبندي جي لاءِ جاري ڪوششن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان عاليم برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي جارحيت ۽ انسانيت جي خ??اف اسرائيل جي مسلسل ڏوهن کي فوري طور تي بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.