اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زندگي جي هر شعبي ۾ انجنيئرنگ جي مهارت جي اهميت تي زور ڏيندي قوم کي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ انجنيئرنگ برادري جي مسلسل حمايت ۽ انهن جي خدمتن جي اعتراف جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر ۾ منعقد ”پي اي سي انجنيئرز ايڪسي لينس ايوارڊ 2022ع“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر ??يو ته پاڪستاني انجنيئرز ماضي ۾ نار ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان کي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وڌيڪ انجنيئرز جي ضرورت آهي. صدر ??يو ته پاڪستان ساليانو رڳو 25 هزار انجنيئرز پيدا ڪري ٿو جيڪو ملڪ ??ي ضرورت جي لاءِ ڪافي ن?? آهي، انهن مان هڪ وڏو حصو گريجوئيشن کانپوءِ ٻاهرئين ملڪ هليو وڃي ٿو، ??ن جي ڀيٽ ۾ ڀارت هر سال 1.5 ملين کان وڌيڪ انجنيئرز پيدا ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته انساني وسيلا ملڪ ??ي لاءِ هڪ وڏو چئلينج رهيو آهي جهڙوڪ صحت جهڙن ٻين شعبن ۾ ملڪ کي وڌيڪ انساني وسيلن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي جڏهن ته ??ن جي ڀيٽ ۾ رڳو ڏيڍ لک ڪم ڪندڙ نرسون موجود آهن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته هن وقت ملڪ ۾ اٽڪل 26 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جيڪي مستقبل ۾ معاشري جي لاءِ هڪ وڏو بار بڻجي ويندا. هن ??يو ته چئلينجز جي باوجود ملڪ ??و انفارميشن ٽيڪنالاجي جو شعبو سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي جيڪو ان حقيقت مان ظاهر آهي ته 22 لک کان وڌيڪ فري لانسرز پنهنجي روزي کانسواءِ ملڪ ??ي لا??ِ پرڏيهي ناڻو ڪمائي رهيا آهن. هن ??يو ته انجنيئرز جو انگ وڌائڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ حڪومت کي وڏن وسيلن جي ضرورت آهي. هن ??يو ته ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا آڻي وسيلن جو انتظام ڪري سگهجي ٿو، ڪيترائي ڏهاڪا گذري چڪا آهن ته ڪيترائي مالياتي ادارا بشمول عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف)، ورلڊ بئنڪ ۽ ٻا پاڪستان کي دولتمندن تي ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪري رهيا آهن، پاليسيون ٺاهڻ جي باوجود اسان ملڪ ??ي اشرافيه کي انهن جو واجب الادا ٽيڪس ادا ڪرڻ تي مجبور نه ڪري سگهياسين. صدر ??يو ته رڳو لفظ معنيٰ نه ٿا رکن، اسان کي عملي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته ملڪ ??ي جي ڊي پي ۾ ٽيڪس جو حصو تمام گهٽ يعني اٽڪل 9 سيڪڙو آهي جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته دنيا خوراڪ ۽ وسيلن جي فراواني طرف وڌي رهي آهي جڏهن ته اسان اڃا تائين وسيلن جي کوٽ جو شڪار آهيون، پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي هر شعبي ۾ چيمپيئنز جي ضرورت آهي. غزه ۾ فلسطينين تي ڪيل ظلمن جو ذڪر ڪندي صدر دنيا ۾ امن برقرار رکڻ جي لاءِ سمورن معاشرن ۾ اخلاقيات کي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. هن ??يو ته جنگيون عالمي چئلينجن کي وڌيڪ پيچيده ڪري ڇڏينديون، انهن مُشڪلاتن جي ڪري امير امير تر جڏهن ته غريب غريب تر ٿيندا پيا وڃن. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪست??ن جي انجنيئرز کي ملڪي ترقي ۾ انهن جي خدمتن جي اعتراف ۾ مختلف ڪيٽيگريز ۾ ايوارڊز سان نوازيو. پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي چيئرمين محمد نجيب هارون ??يو ته ڪائونسل هر سال عمده ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ انجنيئرز کي انهن جي ڪوششن ۽ ملڪي ترقي ۾ حصيدارن جو اعتراف ڪرڻ جي لاءِ ايوارڊ ڏي ٿي. هن ??يو ته انجنيئرز دفاعي پيداوار، نيوڪليئر ٽيڪنالاجي، پاڻي ۽ بجلي، ريلوي، رستن، مواصلات، زراعت، ٽيلي ڪميونيڪشن، مينوفيڪچرنگ، ڪيميڪل ۽ پيٽرو ڪيمڪل انڊسٽري سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ٻڌايو ته پي اي سي تاريخي سنگ ميل پڻ حاصل ڪيا آهن ۽ سمورن لاڳاپيل عالمي پروفيشنل فورمز تي صحيحون ڪندڙ ۽ ميمبر طور پاڪست??ن جي ن??ائندگي ڪئي آهي. هن ??يو ته پي اي سي هاڻي انهن پيشيواراڻي فورمز ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سعودي عرب، نائجيريا، ڪينيا، ميانمار ۽ وچ ايشيائي جمهوريه جهڙن ملڪن جي لاءِ بطور سرپرست ۽ جائزو وٺڻ وارو پنهنجو پيشيواراڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.