ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو آهي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ق??من کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪارگل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائيڪس م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ق??من تي روشني وجهندي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي قيام ۽ گهٽ عرصي ۾ ان جي مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ ق??من ۽ ان جي مثبت نتيجن تي ڳالهه ٻولهه ڪئ??. ن??ران وزيراعظم حڪومت جي غذائي تحفظ جي لاءِ ق??من خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زرعي شعبي ۾ جدت جي ق??من تي پڻ روشني وڌي. برائن سائيڪس مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.