اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته رياست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي، دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي ??لا?? جنگ ۾ اوترو تيزي ايندي، دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي ??زم کي هارائي نٿا سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي ??دارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جي ??جلاس دوران چئي. اجلاس ۾ باجوڙ ۾ پوليو ٽيم جي ??فاظت تي مقرر پوليس اهلڪارن تي حملي جي ??ديد مذمت ۽ ان جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. نگران وزيراعظم چيو ته رياست شهيدن جي پونئيرن کي ڪڏهن به نه وساريندي. شهيد پوليس اهلڪارن اسان جي ??يندڙ سڀاڻي لاءِ پنهنجو اڄ قربان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته دهشتگرد جيتري قدر بزدلاڻيون ڪارروايون ڪندا انهن جي ??لا?? جنگ ۾ ايتري تيزي ايندي. دهشتگرد 24 ڪروڙ ماڻهن جي ??زم کي هارائي نٿا سگهن. هن چيو ته پاڪستان مان پوليو جي مڪمل خاتمي تائين پوليو خاتمو مشن ڀرپور طريقي سان جاري رهندو.