اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان 6 جنوري تي ڪابل جي علائقي دشت برچي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حمل?? جي شديد مذمت ڪئي آهي ج??هن جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين جو زيان ٿيو ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام معصوم جانين جي زيان تي افغان عبوري حڪومت ۽ افغانستان جي عوام سا?? دلي تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي ج??د صحتي??بي لاءِ دعا ڪن ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگرد?? جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ افغانستان جي عوام سا?? يڪجهتي سا?? گڏ بيٺل آهي.