اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ پوليو ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ته پوري دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اهو وائرس اڃا به موجود آهي، پولي?? جي خاتمي جي حوالي سان ايندڙ سال جو هنگامي پلان تيار ڪيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پولي?? جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جسٽس (ر) ارشد حسين شاهه، نيشنل ٽاسڪ فورس جي اعليٰ عملدارن، چيف سيڪريٽريز، قانون لاڳو ڪندڙ اد??رن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم تازو رپورٽ ٿيندڙ پوليو ڪيسز تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ته پوري دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي پر پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اهو وائرس اڃا به موجود آهي. نگران وزيراعظم پولي?? جي خاتمي جي لاءِ ايندڙ سال جو ايمرجنسي پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته پوليو وائرس جي حوالي سان هائي رسڪ يونين ڪائونسل?? ۾ ??نگامي بنيادن تي ٺوس پروگرام شروع ڪيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته انهن علائقن ۾ انجيڪٽ ايبل پوليو وائرس کي معمول جي اميونائيزيشن پروگرام سان ڳنڍيو وڃي. نگران وزيراعظم پوليو ويڪسي نيشن جي حوالي سان مانيٽرنگ جو نظام وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ان سلسلي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? ۾ ??ولي?? جي خاتمي جي لاءِ عالمي برادري ۽ ڊيولپمينٽ پارٽنرز جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪوپ – 28 دوران بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ۾ پولي?? جي خاتمي ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن نيشنل هيلٿ ريگيوليشن واري وزارت کي خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ??ءِ پي وي جي حوالي سان ورلڊ بيسٽ پريڪٽسز ۽ تحقيق جي روشني ۾ حڪمت عملي تيار ڪندي. هن هدايت ڪئي ته معمول جي اميونائيزيشن کي فعال ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته عالمن، استادن، والدين سميت سمورين ڌرين کي پولي?? جي خاتمي جي آگاهي مهم ۾ شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته پوليو ويڪسين ٻار جي صحت، واڌويجهه ۽ مستقبل جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ملڪ جي ٻارن جي محفوظ ۽ صحتمند مستقبل جي لاءِ معاشري جي هر ماڻهو کي پولي?? جي خاتمي جي مهم ۾ ڪردار اد?? ڪرڻ گهرجي. هن هدايت ڪئي ته پولي?? جي خاتمي ۾ عالمن جي اهم ڪردار تي علماءِ ڪنوينشن منعقد ڪيو وڃي. نگران وزيراعظم پولي?? جي خاتمي واري مهم دوران پوليو ورڪرز جي سيڪيورٽي وڌيڪ بهتر ۽ فول پروف بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊيره اسماعيل خان جي هائي رسڪ زون ۾ خصوصي پوليو هيلٿ ڪئمپس قائم ڪيون ويون آهن، بنون، لڪي مروت ۽ ٽانڪ جي علائق?? ۾ ??وليو هيلٿ ڪئمپس قائم ڪيون پيون وڃن. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پولي?? جي خاتمي جي تازي مهم?? ۾ ??يستائين 44 ملين ٻارن جي ويڪسينيشن ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، بلوچستان بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير پوليو فري آهن جڏهن ته ڏکڻ خيبرپختونخواهه جون ڪجهه يونين ڪائونسلز پوليو کان وڌيڪ متاثر آهن، ان کانسواءِ غيرقا??ون?? طور تي رهندڙ افغانين جي واپسي جي عمل ۾ پشاور نوشهره ۽ چمن جي ريپيٽري ايشن مرڪز?? ۾ ??وليو ٽيمُون خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.