تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ سان اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل خسرو ??وزيري ملاقات ڪئ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارا??حق ڪاڪڙ ازبڪستان ??ي شهر تاشقند ۾ 16 هين اي سي او سربراهي اجلاس جي موقعي تي اي سي او جي سيڪريٽري جنرل خسرو ??وزيري سان ملاقات ڪئ??. ٻنهي اڳواڻن واپار، رابطي ۽ اقتصادي تعاون ??ي شعبن ۾ تنظيم جي تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ملاقات ۾ ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ وچ اوڀر جي صورتحال پڻ بحث هيٺ آئي. سيڪريٽري جنرل اي سي او جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ خطي ۾ واپار ۽ رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اي سي او سيڪريٽريٽ جي عزم جو يقين ڏياريو.