لاهور-28 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم واري نگ??ان وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگ??ان حڪومت تع??يم?? شعبي جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهي آهي، گورنمينٽ ڪ??ليج يونيورسٽي هڪ تاريخي تع??يم?? ادارو آهي، سرڪاري اسڪولن جي معيار ۽ سهولتن ۾ اضافي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ ڪ??ليج يونيورسٽي جي 22 هين سالياني ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر جي سي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر اصغر علي زيدي، اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني، بحرين جي پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر عادل بن عبدالرحمان، قاري صهيب احمد ۽ نعيم طاهر سميت فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ انهن جي والدين شرڪت ڪئي. تعليم واري نگ??ان وزير چيو ته گورنمينٽ ڪ??ليج ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. علامه اقبال جي مادر علمي ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪرڻ منهنجي لاءِ وڏي اعزاز جي ڳا??هه آهي. هن چيو ته هو جڏهن به لاهور ايندو آهي ته گورنمينٽ ڪ??ليج کي ٻاهران ئي ڏسندو هو، اڄ جڏهن آئون هن تاريخي تع??يم?? اداري ۾ داخل ٿيو آهيان ته ان جون ديوارون ۽ دريون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، هن جو چوڻ هو ته گورنمينٽ ڪ??ليج هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن جي عمارت ڏيڍ سئو سالن کانپوءِ به بهتر حالت ۾ قائم آهي، هتان ڪيترين ئي مشهور شخصيتن تعليم حاصل ڪري ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ ڪيترين ئي نامياري شخصيتن هتان کان تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي پر پاڪستان جو نالو به روشن ڪيو. هن چيو ته عوامي نمائندا اسيمبلين ۾ ويهي عوام جي حقن جو تحفظ ڪندا آهن، مس??قب?? جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تع??يم?? شعبي کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته 28 کان 30 ملين ٻار هاڻي به اسڪولن کان ٻاهر آهن، چائلڊ ليبر ٻارن جي تعليم جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته نگ??ان حڪومت ٿوري عرصي لاءِ آئي آهي، ڪوشش ڪنداسين ته تعليم جي شعبي لاءِ اهڙا قدم کڻون جيڪي تقليد جوڳا هجن.تعليم واري وزير چيو ته آئون بنيادي طور تي قلمڪار آهيان، مون کي خبر آهي ته قوم جا مسئلا ڪهڙا آهن، مون پنهنجي وزارت سنڀالڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ هڪ پرائمري اسڪول جو دورو ڪيو ته اتي ڪيترائي مسئلا هئا ۽ اسڪول ۾ واش روم سميت ٻين سهولتن جي کوٽ هئي جنهن کي ڏسي ڏک ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي پنهنجي ٻارن لاءِ تعليم جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا. مدد علي سنڌي چيو ته تع??يم?? مسئلن جي حل لاءِ مون سمورن صوبائي تع??يم?? وزيرن جي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ گهرائي آهي جنهن ۾ اسان ان ڳا??هه جو تعين ڪنداسين ته اسان پنهنجي تع??يم?? ادارن جي حالت کي ڪيئن بهتر ڪري سگهون ٿا. ڪانووڪيشن ۾ 1210 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڊگريون ۽ ميڊلز ڏنا ويا. 15 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پي ايڇ ڊي ، 152 کي ايم فل، 159 کي ايم ايس سي ۽ 884 کي بي ايس جي ڊگرين سان نوازيو ويو.