اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنگلاديش سان م??يش??، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بنگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احمد معروف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چ??و ته بنگلاديش ۾ نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر چ??و ته م??يش??، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد احمد معروف کي بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد هاءِ ڪمشنر جي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.