اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته برطا??يا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطا??يا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان برطا??وي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان (هائوس آف لارڊز) جي ميمبر لارڊ عامر سرفراز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطا??يا جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، ترقياتي منصوبابندي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم برطا??يا خاص طور تي برطا??وي سياسي نظام ۾ برطا??يا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي خدمت کي ساراهيو. هن چيو ته برطا??يا ۾ رهندڙ پاڪستاني برطا??يا ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار اد اڪري رهيا آهن. لارڊ عامر سرفراز انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ برطا??وي سياسي قيادت ۽ برطا??يا ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.