اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان يقين جو اظها?? ڪيو آهي ته اسان جي مسئلن جو حل معاشي پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ ۾ آهي، م??ڪ جي معاشي ترقي اسان جي ڪاروباري بر??دري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار سان ڳنڍيل آهي. قومي ترقي بابت منهنجو تصور حصيداري سوچ سا?? جُڙيل آهي جنهن ۾ سموريون ڌريون پنهنجو حصو وجهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ڪراچي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ پاڪستان بزنس ڪائونسل سان ملاقاتن دوران واپاري بر??دري سان ڳالهه ٻولهه ۾ منهنجو پيغام اهو هو ته جيتوڻيڪ اها حڪومت جي ذميواري آهي ته اها هڪ سازگار ماحول ۽ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪري، پر م??ڪ جي معاشي ترقي اسان جي ڪاروباري بر??دري جي ڪارڪردگي ۽ پيداوار سان ڳنڍيل آهي. واپار ۽ صنعت جي اڳواڻ هجڻ جي ناطي انهن کي ڪاروبار، جدت ۽ جرئتمداڻي سوچ جي ذريعي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ وسيع اقتصادي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي 16 مهينن دوران معيشت کي مستحڪم ڪرڻ، توانائي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ، مالياتي نظم ۽ ضبط کي بهتر بڻائڻ ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي فريم ورڪ تحت اقتصادي تبديلي جي لاءِ سنگ بنياد رکڻ جي لاءِ کنيل قدمن جو ذڪ?? ڪيو. هن چيو ته ان حقيقت کان انڪار نه آهي ته اسان جي ڪاروباري بر??دري سنگين مشڪلاتن جي باوجود ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي چئلينجن کي منهن ڏيندي انهن جي عزم ۽ حوصلي تي اسان کي فخر آهي.