اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي وچ ۾ ٽيليف??ن ??ي رابطو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائ??و ورتو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونس?? جو ست??ن ??جلاس قيادت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. قيادت جي سطح ت?? باقاعدگي سان رابطو ان اسٽريٽجڪ حصيداري جي نمايان خصوصيت آهي.